بابو پليجو

بابو پليجو: ’تاريخ مظهر شاهجهاني‘ ۾ يوسف ميرڪ ڄاڻائي ٿو ته: سنڌ ۾ ترخان دؤر کانپوءِ مغلن جو دؤر آيو، انهيءَ دؤر ۾ بابو پليجو زميندار هو ۽ گڏوگڏ مغل گورنرن ۽ صوبيدارن جو خوشامدي مخبر پڻ هو. جڏهن اسماعيل شوري ڌارين خلاف نقل و حرڪت شروع ڪئي، تڏهن بابو پليجي مخبري ذريعي مغلن جي وڏي مدد ڪئي. بابو پليجي جي جڏهن اسماعيل شوري کي خبر پئي تڏهن ان هن جي رهائشگاه تي حملو ڪيو، پر هي بچي ويو ۽ اسماعيل شورو هن جي باغ جي سڄي پوک کڻي ويو، انهيءَ تان بابو پليجي وڃي مغلن کان مدد گهري، جنهن کان پوءِ اسماعيل شوري ۽ مغل فوج ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ اسماعيل شورو وڙهندي وڙهندي مارجي ويو. انهي مخبريءَ کان پوءِ بابو پليجي جو اثر و رسوخ مغلن وٽ وڌي ويو ۽ مغل گورنر مظفر خان معموري هن کي انعام اڪرام ڏنا. اڳتي هلي جڏهن مظفر خان معموريءَ کان پوءِ سيد بايزيد بخاري گورنر ٿي آيو ته هن هڪدم اسماعيل شوري جي بچيل ڪٽنب تي مغل فوج جو حملو ڪرائي انهن جي عورتن ۽ ٻارن سان گڏو گڏ اسماعيل شوري جي پٽ جهونجهار شوري کي به گرفتار ڪرايو. جهونجهار شورو قيد ۾ ئي مري ويو. ٻٻر ذات وارا بابُو پليجي جا مائٽ هئا، پر اهي هميشه هن کي ٽوڪيندا هئا ته تو اسماعيل شوري کي ڇو قتل ڪرايو؟ آخرڪار هن بايزيد بخاري جا ڪَن ڀري، پنهنجي مائٽن ٻٻرن تي مغل فوج جي چڙهائي ڪرائي ٻٻرن جا تقريباً سڀئي جوڌا جوان بيدرديءَ سان قتل ڪرائي ڇڏيا.


لفظ بابو پليجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو